Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي APK
정보
버전 v1.0 (#1)
업데이트 2018년 January 07일
APK 파일 크기 3.2 MB
필요한 Android 버전 Android 2.3+ (Gingerbread)
개발자 Zawar Reza Hussain Alhussaini
범주 교육 (응용 프로그램)
응용 프로그램 ID com.resaleh.emamsajad
개발자 노트 پنهنجي راء ضرور ڏيندا ۽ ٻين سان شيئر ڪري اسان سان گڏ ثواب ۾ ڀائيوار ٿيندا ...
스크린샷 이미지
전체 크기를 보려면 이미지를 클릭하세요.
변경사항
Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي v1.0의 새로운 기능
서술
رسالة الحقوق, حقيقت ۾ امام زين العابدين عليه السلام جي هڪ ڊگهي حديث آهي, جنهن ۾ امام عليه السلام هڪڙي مومن مٿان پنهنجي پالڻهار, نفس, عضون, مٽن مائثن ۽ ٻين ماڻهن جا حق بيان ڪيا آهن. جن جو تعداد مجموعي طور تي پنجاھ آهي. هي رسالو, فردي ۽ اجتماعي زندگي ۾ مومن لاء اخلاقي دستور جي حيثيت رکي ٿو ..
ان رسالي جا مختلف ٻولين ۾ ڪيترا ئي ترجما ڪيا ويا آهن. مٿس ڪيتريون ئي شرحون پڻ لکيون ويون آهن. سنڌ واسين لاء اسان جي هي هڪ ننڍڙي ڪاوش آهي. اميد ته سڄڻن کي اسان جو هي پورهيو پسند ايندو.
حق جي معنى
«حقوق, حق جو جمع آهي. حقوق مان هتي مراد, اهي حق آهن جيڪي پاڪ پالڻهار هڪڙي مومن جي ڪنڌ تي ٻين جا حق رکيا آهن. ان بنياد تي حق جو لفظ, واجب ذميوارين سان گڏ مستحب ڪمن ۽ اجتماعي ذميوارين کي به شامل ٿئي ٿو.
رسالة الحقوق, روايات جي روشني ۾
حديث جي جن قديم ڪتابن ۾ "رسا لة الحقوق"مڪمل طور تي نقل ٿيو آهي, انهن مان ڪجھ ڏانهن اشارو ڪريون ٿا :
"تحف العقول"تاليف : حسن بن علي بن حسين بن شعبه حراني, متوفى 381 هجري. هن ڪتاب ۾ 50 حق ذڪر ڪيا ويا آهن, پر رسالي جي سند ذڪر نه ڪئي وئي آهي.
خصال تالیف شیخ صدوق (382 متوفی هجرى].
من لا یحضره الفقیه, تالیف شیخ صدوق.
انهن ڪتابن ۾ شيخ صدوق مٿي ذڪر ڪيل پنجاھ حقن سان گڏ "حج جي حق"جي نالي سان هڪ ٻيو حق به ذڪر ڪيو آهي, ان بنياد تي مجموعي طور 51 حق ٿين ٿا ..
ٿلهي ليکي رسالة الحقوق جي سند بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته ::
من لا يحضره الفقيه ۾ روايت جي سند ذڪر نه ڪئي وئي آهي, مطلب ته روايت "مرسل"آهي. جڏهن ته "من لا يحضره الفقيه"۽ "تحف العقول"جي نقل ٿيل متن ۾ معمولي فرق ۽ اختلاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو ..
خصال واري روايت ۾ اسماعيل بن فضل نالي ڪنهن راوي جو ذڪر نه آهي.
ٻي پاسي وري من لا يحضره الفقيه, ۾ چٽي نموني اهو بيان نه ڪيو ويو آهي ته اهي حق, امام زين العابدين عليه السلام جي رسالة الحقوق ۾ نقل ٿيل آهن. جڏهن ته خصال ۾ واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
هن ايپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون
1 دلڪش مينيو.
2- موضوعات جي فهرست.
3- ڪتاب جو سولو ۽ روان سنڌي ترجمو (غلام قاسم تسنيمي).
4- ڪتاب جي باري ۾.
5 ڳولا جو آپشن
6 المجتبي فائونڊيشن جو مختصر تعارف.
ته پوء بنا دير جي اسلامي معارف جي ان ذخيري کي ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ جا اسباب فراهم ڪريو.
التماس دعا
Risalat 알 Huquq 신드어
Risalat 알 Huquq 신드
رسالة الحقوق سنڌي
رسالة الحقوق سنڌي
رسالة الحقوق سندھی
رسالھ الحقوق سنڌي
평가 및 리뷰
평점: 5.0 / 5 · Less than 100표
(*)는 필수입니다
이전 버전
Risalat al Huquq Sindhi رسالة الحقوق سنڌي v1.0 APK - Windows 용 다운로드 - (#1, 3.2 MB)
유사한 콘텐츠
Learn Sindhi with Gujarati Script APK
Learn Sindhi with Hindi Script APK
Sindhi Textbook App for KG Nursery APK
Sindhi Textbook for Class 2 APK
Sindhi Textbook for Class 3 APK
Zawar Reza Hussain Alhussaini의 앱 더보기
Ziyarat Arbaeen Sindhi زیارت اربعین APK
Ziyarat Arbaeen Urdu زیارت اربعین APK
Ziyarat e Arbaeen Urdu زیارت اربعین اردو APK
Ziyarat Ashura Sindhi زیارت عاشورا APK
Hadees e Kisa Sindhi حدیث ڪساء APK
가장 많이 다운로드 한 앱 및 게임
فیلتر شکن جدید و قوی،فیلتر شکن قوی و پرسرعت رایگان APK